ڪي. ٽي. اين (چئنل)

ڪي. ٽي. اين (چئنل)

ڪي ٽي اين چئنل

ڪي. ٽي. اين (چئنل): هن چينل کي پاڪستان جي پهرئين سنڌي چينل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن چينل جو بنياد آڪٽوبر 2002ع ۾ مشھور سنڌي صحافي، تجزيه نگار ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڪاوش پبليڪيشن (اخبار) جي باني علي قاضي رکيو. ابتدائي دور ۾ ڪاوش ٽيليويزن جي نشريات جو آغاز ڇهه ڪلاڪن جي محدود وقت لاءِ ڪيو ويو، بعد ۾ چينل جي وڌندڙ مقبوليت سبب چينل جي نشرياتي وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ڪيو ويو. ڪي. ٽي. اين واحد سنڌي چينل جي حيثيت ۾ نه صرف سنڌ پر دنيا جي ڏورانهين خطن ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا ۽ هندستان ۾ وڌ کان وڌ مشهوري ماڻي چڪو آهي. هن وقت ڪاوش گروپ جا ٽي چينل ڪي. ٽي. اين (KTN)، ڪي. ٽي. اين نيوز (KTN News) ۽ سنڌي گيتن تي مشتمل چينل ’ڪشش‘ ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪشش ميوزيڪ چينل به سنڌي موسيقي ۽ گيتن تي نشر ٿيندڙ پهريون سنڌي ميوزڪ چينل آهي. جڏهن ته ڪي. ٽي. اين انٽرٽينمينٽ نج سنڌي تفريحي پروگرامن جهڙوڪ: ڊرامه، مارننگ شوز، ٻارن جا پروگرام، مزاحيه پروگرام، راندين ۽ رهاڻين جا پروگرام ۽ ڪي. ٽي. اين نيوز ملڪي توڙي غير ملڪي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي صورتحال/ سرگرمين بابت خبرون، رپورٽس، ڊاڪيومينٽريون، ان کان سواءِ سنڌ توڙي پاڪستان ۽ دنيا جي صورتحال ۽ انهن جي هڪٻئي تي ٿيندڙ اثرن بابت ٽاڪ شوز، سياسي، سماجي، قانوني ۽ تعليمي ماهرن جا انٽرويوز، عوام سان پيش ايندڙ مسئلا ۽ ٻيا ڪيترائي معلوماتي ۽ فڪري پروگرام نشر ڪندو رهي ٿو. ڪي. ٽي. اين کي 5 جون 2005ع تي برانڊ سينيئريو (Brand Synario) طرفان ڏسندڙن جو وڌ کان وڌ تعداد (Viewership) هئڻ سبب 635 ووٽن جي آڌار تي فائيو اسٽار ريٽنگ (Five Star Rating) جو اعزاز حاصل ٿيو. جڏهن ته چينل کي Pak Sat 3973V 6509 3/4 C-Band جي فريڪوئينسي تي سڄي دنيا ۾ هلائي سگهجي ٿو. هن وقت هن ميڊيا گروپ جو CEO اطھر قاضي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو